ديوان ڪوڏڻ مل

ديوان ڪوڏڻ مل: نامور سماجي ورڪر ديوان ڪوڏڻ مل ولد لعل داس، 1881ع ڌاري ڳوٺ ڇاڻي (شاهه آباد)، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. سنڌيءَ جا چار درجا دادوءَ جي مين پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو ۽ گرمکيءَ جي تعليم وڏڙن کان ورتائين. کيس پيءُ جي وفات بعد زمينداري سنڀالڻي پئي، سارين جي هر فصل تي پيران پير دستگير جي نالي تي خيرات ڪندو هو، جيڪا صبح کان ويندي شام تائين هلندي هئي، جنهن لاءِ اڳ ۾ شهر ۾ پڙهو گھمايو ويندو هو. اڪثر غريب اچي شرڪت ڪندا هئا. پوءِ ديرن جي بٽئي شروع ڪرائيندو هو. هندن توڙي مسلمانن جا فيصلا پاڻ ڪندو هو. مذهبي مسئلن وارن فيصلن ۾ سرائي جعفر خان مگسي ۽ خميسي سولنگيءَ کي ضرور ويهاريندو هو. سندس نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل فيصلن کي ڏسي انگريز سرڪار کيس ٿرڊ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا. 1930ع ۾ ٻوڏ دوران جڏهن درياهه جي بچاءَ بند کي کنڊ لڳو ۽ دادوءَ جي شهر جو ڪجهه حصو ٻڏي ويو ته ان کنڊ کي بند ڪرائڻ لاءِ ديوان ڪوڏڻ مل، ڀوري شيخ، سيد مصري شاهه ۽ ٻين جي مدد سان پنهنجي ذاتي خرچ تي بچاءَ بند کي لڳل گھاري کي گولائيءَ تي ٻڌرائي بند ڪرايو، جيڪو بند اڃا به موجود آهي. اهڙيءَ طرح ٻوڏ دوران دربدر ٿيل ماڻهن جي کائڻ پيئڻ، رهائڻ، ڪپڙي وغيره جو پنهنجي خرچ تي بندوبست ڪيائين. ديوان ڪوڏڻ مل مندرن جي اڏاوت جو سمورو خرچ ڀريندو هو. مهراج ڏيو ڏنارام جي سماڌي ٺهرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. ديوان ڪوڏومل ڪانگريس جو سٽي صدر هو ۽ ڪانگريس جي مالي مدد به ڪندو هو. ڪافي شيوا منڊليون پڻ قائم ڪيائين. لڪي شاهه صدر جي ڌرمشالا لاءِ به وڏي رقم خرچ ڪيائين. هن 1931ع ڌاري وفات ڪئي. سندس ڪريا ڪرم دادوءَ جي مساڻن ۾ ڪيو ويو.


لفظ ديوان ڪوڏڻ ملھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو